آتم ڀڳت

آتم ڀڳت

آتم ڀڳت

آتم ڀڳت: آتم ڀڳت ڀٽائيءَ جي راڳي موهن ڀڳت سان گڏ ڳائيندڙ ساٿي ۽ سندس ڀاءُ سروپ ڀڳت جو پاليل پٽ آهي. آتم ڀڳت 1975ع ڌاري مٺيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري پڙهيل آهي، گهڙين جو ڪاريگر ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جو ملازم آهي. آتم ڳائڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. پنهنجي پيءُ سروپ ڀڳت ۽ چاچي موهن ڀڳت سان گڏجي ڳائيندو هو. هن موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت سان گڏ ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڪيترا پروگرام ڪيا. موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت جي وفات کانپوءِ پنهنجي ڀاءُ ۽ موهن ڀڳت جي پڳدار پُٽ شنڪر ڀڳت سان گڏجي ڳائيندو آهي. سندس آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل آهي. پنهنجي وڏن کان مليل ڀٽائيرح جون وايون، ڪبير، ميران ۽ تلسي داس جا ڀڄن ڳائيندو رهي ٿو. ثقافت کاتي، ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جو رجسٽرڊ فنڪار آهي.


لفظ آتم ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.00.00  عيسوي

آتم ڀڳت: آتم ڀڳت ڀٽائيءَ جي راڳي موهن ڀڳت سان گڏ ڳائيندڙ ساٿي ۽ سندس ڀاءُ سروپ ڀڳت جو پاليل پٽ آهي . آتم ڀڳت 1975ع ڌاري مٺيءَ ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽيجارام سنت
تاج الدين سيد
جمال فقير خاصخيلي
ايس گل
شهناز ڀٽي
سيد گوهر علي شاهه صوفي
احمد ميان سومرو
شاهه اسد
الطاف پيرزادو
آرائين منصور الحق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون